رسول ميمڻ

رسول ميمڻ

رسول ميمڻ

رسـول ميـمـڻ: نـاميـاري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پـورو نالـو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هن پھرين جنوري 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ کان ڪاليج تائين جي تعليم سکر شهر ۾ ئي حاصل ڪئي. 1978ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، 1981ع ۾ شڪارپور جي مشهور راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1982ع کان 1983ع تائين سکر سول اسپتال ۾ ساڳئي عهدي تي رهيو. 1983ع کان 1990ع تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو. 1991ع ۾ لاهور مان ’ڪلينيڪل پيٿالاجي‘ ۾ ڊپلوما ڪئي. 1992ع ۾ موٽي اچي سول اسپتال سکر ۾ پيٿالاجسٽ ٿيو. 1998ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ GPMS ڪراچيءَ ۾ ’هسٽوپيٿالاجي‘ (Histopathology) ۾ ايم. فل لاءِ داخل ٿيو ۽ 2000ع ۾ هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم. فل ڪيائين. 2000ع ۾ ڪياماڙي اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو. رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ جو شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پهريون شعر 1976ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشهور اديب رزاق مهر شايع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي ’مارو پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ۾ ڇپي. رسول ميمڻ، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن وقت تائين ســندس ڪهاڻين جا 12 ڪــتاب: (1) ’امن جي نالي‘ (1977ع)، (2) ’ڪـافـر ديــوتا‘ (1979ع)، (3) ’چـچـريل زندگين جا قافلا‘‘ (1981ع)، (4) ’ابابيل جي اڏام‘ (علامتي ڪهاڻيون: 1993ع)، (5) ’فونو‘ (2010ع) (6) ’سونو ڏند‘ (2012ع)، (7) ’عشق جو آسيب‘ (2012ع)، (8) ’حليمان‘ (2013ع)، (9) ’اوجاڳي جا خواب‘ (ڪهاڻيون)، (10) ’عجيب وارتائون‘ (ڪهاڻيون)، (11) ’کليل دري‘ (ڪهاڻيون)، (12) ’نجومي‘ (ناول)، (13) ’سينڊروم‘ (نفسياتي ڪهاڻيون)، (14) ’اسٽيل جا پنج گلاس‘ (ناول)، (15) ’ڪُتا‘ (ناول)، (16) ’اک ڇنڀ‘ (ناول)، (17) ’وطن پرين ۽ موت‘ (مضمون)، (18) ’لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا‘ (مضمون)، (19) ’الف کان اڳ‘ (سائنسي فلسفلو)، (20) ’ساڌ ٻيلي جا گيت‘ (شاعري)، (21) ’وقت جو بادشاهه‘ (ڪهاڻيون)، (22) ’محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن‘ (ڪهاڻيون)، (23) ’خدا روح ۽ سائنس‘ (سائنس ۽ فلسفو)، (24) ماڻھو جيڪي مرڻا ناهن‘ (خاڪا)، (25) ’پليسبو‘ (فلسفو) ۽ (26) ’روشنيءَ جو مينار‘ (ڪهاڻيون) ڇپيل آهن. ان کانسواءِ هن جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’اُوشا جي آشا‘ (1979ع)، دنيا جي مشهور شخصيتن بابت ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب ’ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن‘ (1988ع)، ’اوڻويهه عورتون‘ (ناول: 2017ع)، ’قالو بلا‘‘ (ناول: 2013ع)، ’نو سيبو‘ (فلسفو) ۽ ’الف کان اڳ‘ (فلسفو) پڻ ڇپيل آهن. 24 نومبر 2021ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي. .


لفظ رسول ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.01.01  عيسوي

نامياري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پورو نالو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هن 1 جنوري 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو.


2021.11.24  عيسوي

ناميارو ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ 24 نومبر 2021ع تي ميرپورخاص ۾ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمان شيخ ڊاڪٽر
وينا شرنگي
روي ٽيڪچنداڻي ڊاڪٽر
سڪندر علي مرزا
جهانگياڻي سنتداس
ستار بلوچ
اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر
سيد محسن علي شاهه بخاري
گرڌاري لال ڏوڏيجا
حڪيم محمد يعقوب قاضي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون